حمل جت

حمل جت: حمل جت، صوفي شاهه عنايت شهيدرح جي تحريڪ خلاف سازش ڪندڙن مان هڪ شخص هو. حمل جت جي پيءُ جو نالو لاکو هو. سندس خاندان علائقي ۾ وڏي اثر رسوخ وارو جاگيردار خاندان هو. هن جو پڙڏاڏو به حمل بن لاکو هو، جنهن دهليءَ جي تخت ڌڻين شير الملڪ ۽ شاهجهان مغل جي وچ ۾ هلندڙ جنگ دوران شاهجهان جي وڏي مدد ڪئي هئي ۽ جڏهن شاهجهان ان جھيڙي ۾ سوڀارو ٿي تاج جو مالڪ ٿيو ته هن سنڌ ۾ حمل بن لاکي کي جاگيرن جا پروانا جاري ڪيا. حمل جت جي خاندان جو اثر رسوخ دهلي سلطنت تائين هو. جڏهن صوفي شاهه عنايت شهيد جاگيرداريءَ خلاف جدوجهد شروع ڪئي ۽ برابريءَ وارو سماج قائم ڪرڻ گھريو ته هن به صوفي شاهه عنايت شهيدرح جي وڏي مخالفت ڪئي. حمل جت، سيد عبدالواسع، نور محمد پليجي ۽ ٻين سان سان گڏجي شاهه عنايت شهيد تي حملن ۾ شريڪ رهيو. دهلي درٻار جي حڪم تي صوفي شاهه عنايت خلاف لشڪر ڪٺو ڪيائين. صوفي شاهه عنايت شهيدرح خلاف پنهنجي قبيلي مان به ماڻهو ڪٺا ڪيائين، پر انهن شاهه عنايت سان وڙهڻ کان نابري واري, پوءِ به هن نور محمد پليجي سان گڏجي صوفي شاهه عنايت خلاف جنگ ڪرڻ جي نيت سان هڪ وڏو لشڪر جمع ڪيو ۽ صوفين جي قتلام ۾ سڀ کان اڳڀرو رهيو.


لفظ حمل جتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو